سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ قائم ٿيل تعلقه اسپتال شفاءَ گهر بجائي ڪوس گهر بڻيل آھي جڏهن تعلقي سڪرنڊ جي ٻه لک کان مٿي آبادي لاء قائم ٿيل اسپتال ۾ سهولتن جو فقدان آھي جڏهن ته اسنتال اندر ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي آھي جڏهن ته سروي دوران معلوم ٿيو آھي ته ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف وٽ سيفٽي ڪٽس به موجود ناهي جڏهن ته ڊاڪٽرن کي حڪومت ڪٽس به مهيا نه ڪري سگهي ان باوجود ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف بنا خوف جي ڊيوٽيون ڪري رهيا آھن جڏهن ته سروي دوران معلوم ٿيو آھي ته ڪجھ عرصو اڳ هن اسپتال کي سول اسپتال جو درجو مليل هو مگر هن اسپتال جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري تعلقي اسپتال ۾ تبديل ڪيو ويو آھي مگر چونڊيل نمائندن هن اسپتال جي مالڪي نه ڪرڻ ڪري دل جو شعبو هڏين جي شعبي سميت ڪيترائي شعبا بند پيل آھن جڏهن ته ته اسپتال اندر ڊاڪٽرن جي کوٽ ھجڻ ڪري اسپتال جي او پي ڊي ۾ رش لڳل هوندي آھي اپتال اندر دوائن جي کوٽ آھي جڏهن ته هي اسپتال نيشنل هاء وي تي هجڻ باوجود اسپتال اندر ايمرجنسي نالي ڪابه سهولت ناهي اسپتال ۾ ايڪسڊنٽ ڪي مريضن کي مرهم پٽي بعد نوابشاه موڪليو ويندو جڏهن ته رات جي ٽائيم تي ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ شرين مايوسي پکڙيل آھي سروي دورن اهو به انڪشاف ٿيو ته سنڌ حڪومت پاران اسپتالن جي بهتري لاء آئي ايڇ ايس حوالي ڪيون پيون هيون مگر سياسي مداخلت ڪري حڪومت پاران اين جي اوز اسپتالن کي بهتر ڪرڻ بدران ڪمائي جو دريعو بنائي ڇڏيو آھي اين جي اوز ادپتالن اندر دوائن فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي جڏهن ته اندر مردن جو الٽرا سائونڊ به نه ڪيو ويندو آھي جڏهن ته سروي دوران اهو به معلوم ٿيو آھي ته رات جي ٽائيم ليبر روم ڊليوري جي سهولت نه هجڻ ڪري نوابشاه موڪليو ويندو آھي ايمرجنسي جي صورت غريب ماڻهو پرائيوٽ سينٽرن جو رخ ڪن ٿا جڏهن ته گدريل مهيني کان اسپتال اندر ايم ايس مقرر ناهي ٿي سگهيو آھي جڏهن ته هتان سياسي سماجي ادبي حلقي احڪامن کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ته تعلقي اسپتال اندر بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪري اسپتل کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڊاڪٽرن کي سيفٽي ڪٽس مهيا ڪيون وڃن اسپتال ايمرجنسي سهولتون ڪري تعلقي اسپتال ۾ ايم مقرر ڪيو وڃي رات جي ٽائيم ليڊي ڊاڪٽر مهيا ڪئي وڃي اسپتال بند شعبا کوليا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.