راولپنڊي: ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عوام جون دليون کٽڻيون آهن، خساري جي پرواهه ناهي، وڌيڪ ٽرينون هلائڻيون پيون ته به هلائينداسين. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سڀاڻي بورڊ ميٽنگ آهي، ان ۾ اهم فيصلا ڪنداسين، وڏي ڏکيائين سان ٽرينون کولرايون، ڪو صوبو راضي نه هو، سنڌ حڪومت ڪو اعتراض نه ڪيو، جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون، 31 مئي کانپوءِ ٽرينن ۾ واڌ ڪنداسين. هن چيو ته اڄ 30 ٽرينون شروع ٿي ويون آهن، ايس او پيز تي عمل لاءِ سڀني صوبن سهڪار ڪيو، ڊي ايس صاحبن کي مبارڪون، سموريون ٽرينون وقت تي روانيون ٿيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شگر بحران جي انڪوائري رپورٽ اچي چڪي آهي، 31 جولاءِ تائين ڪيتريون ئي جاچون ٿينديون ۽ ٻهارو لڳندو، جيستائين عمران خان گڏ آهي عثمان بوزدار کي ڪو خطرو ناهي.