عمرڪوٽ: (رپورٽر ) عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ کلڙائي ۾ ڏهرڪي کان مهمان ٿي آيل 20 سالا ناري راڄان ڌيءُ جادو مهر ميزبان سليم منڱريو هٿان قتل ٿيڻ جو انڪشاف.
ڏهرڪي جي ڳوٺ صاڀو فقير مان پنهنجي ماءُ ۽ مامو سومار مهر سان گڏ آيل سان مهمان ٿي آيل نوجوان ناري راڄان مهر کي گهر ڌڻي سليم منڱريو رات جو گهرن کان ڪلو ميٽر پرتي وٺي وڃي قتل ڪري ڇڏيو.
مقتولا جي امڙ ۽ سندس مامون سومار مهر جو چوڻ آهي ته اسين گذريل ڏينهن عمرڪوٽ ويجهو کلڙائي ۾ صالح فقير جي درگاهه تان زيارت ڪري واپس وڃي رهيا هئاسين ته روڊ تي سليم منڱريو مليو جنهن چيو ته اڄ منهنجي گهر مهماني کائي وڃو اسان کي دوکي ۾ رکي نوجوان نياڻي کي رات جو گهرن کان پرتي وٺي وڃي قتل ڪري ڇڏيو آهي هنن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.