رمله (م ڊ) فسلطيني صدر محمود عباس آمريڪا ۽ اسرائيل سان سمورا معاهدا ختم ڪري ڇڏيا. رمله ۾ فلسطيني قيادت سان هڪ ملاقات کانپوءِ محمود عباس چيو ته اسان جي حڪومت اڄ کان اهڙن سمورن معاهدن کان آجي آهي، انهن ۾ سلامتي جي حوالي سان سهڪار پڻ شامل آهي. فلسطيني صدر، اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو طرفان يهودي وسندي جي اڏاوت ۽ والاريل اولهه اردن ۾ اردن ماٿري جي حوالي سان منصوبن جي ردعمل ۾ اهو اعلان ڪيو آهي. ان علائقي کي اقتصادي طور انتهائي اهم قرار ڏنو ويندو آهي.