لکي غلام شاه(رپورٽر) چڪ جي ڪچي واري علائقي دميا ڳوٺ ۾ سام ٿي ترسيل پريمي نوجوان سجاد پٽ غلام محمد جيهو کي پراسرار نموني بندوق جو فائر لڳڻ سبب قتل ٿي ويو آھي لاش واقعي واري هنڌ ڪيترائي ڪلاڪ پيل رهيو. قتل جي اطلاع تي بچل ڀيو پوليس واقعي واري هند پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ پوسٽ مارٽم لاء لاش ٻيڙين ذريعي ڪچي مان ڪڍي پتڻ تي پهچائي پوليس موبائل ذريعي لکي غلام شاھ اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد ڀائرن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ٿيل سجاد جيهو ڳڙھي ياسين تعلقي جي ڳوٺ الهداداڻي جيهو جو رهواسي آھي .جنهن پنهنجي ويجهي عزيز ناري ماروي جيهو سان ڪجھ ٽائيم اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو ,پرڻو ڪرڻ بعد جوڙي دميا ڳوٺ ۾ واسطيدارن وٽ پناھ ورتي هئي جتي کيس ڪالھ قتل ڪيو ويو آھي جڏھن ته نوجوان سان پرڻو ڪندڙ ناري ماروي جيهو فوتي نوجوان جي ڀائرن سان ڳوٺ الهداداڻي جيهو وڃڻ جا اطلاع آھن.