مٽياري (رپورٽر) مٽياري ويجهو ڳوٺ گل محمد سهتا مان گم ٿيل نياڻي جو پتو نه پئجي سگهيو والد پاران برادري جي ماڻهن تي اغوا جو الزام ڪورٽ ۾ درخواست داخل .تفصيل موجب مٽياري ويجهو ڳوٺ گل محمد سهتو مان مبينا طور اغوا ٿيل 12 سالن جي نياڻي سائره سهتو جو تاحال پتو نه پئجي سگهيو آهي اغوا ڄاڻايل نياڻي جي والد لال ڏنو سهتو مٽياري جي ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائيندي دانهيو آهي ته منهنجي 12 سالن جي معصوم نينگري کي برادري جي ماڻهن اغوا ڪيو آهي جيئين ته نياڻي کي اغوا ڪندڙ ڳوٺ جا بااثر آهن جنهن ڪري پوليس ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي درخواست ۾ هن ڪورٽ کان نياڻي جي اغوا جي ايف آئي آر درج ڪرائڻ جي التجا ڪندي چيو آهي ته بااثرن خلاف ايف آئي آر درج ڪري منهنجي نياڻي واپس ڪرائي وڃي جنهن بعد اغوا ڄاڻايل نياڻي جي والد عدالتي ليٽر کڻي ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو سان ملاقات ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو ان. وقعي تي ايس ايس پي مٽياري ڀٽ شاھ پوليس کي ڪيس داخل ڪري اغوا ڄاڻايل نياڻي کي فوري بازياب ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي مبينا اغوا ڄاڻايل نينگري جي والد جو چوڻ هو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون برادري جي ماڻهن هٿيارن جي زور تي منهنجي نياڻي کي اغوا ڪيو آهي خدارا مون اسان سان انصاف ڪيو وڃي .