اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان ڊاڪٽرن کي وائرس جي خلاف قدمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جي تاڪيد ڪندي چيو آهي ته جيستائين ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار نه ٿيندي اسان کي ان سان گڏ گذارڻو پوندو. اسلام آباد ۾ ٽيلي هيلٿ پورٽل جي افتتاح کان پوءِ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيستائين ويڪسين نٿي ٺهي تيستائين اسان کي ان وائرس سان گڏ گذارڻو پوندو، گذارو اُها ئي قوم ڪري سگهي ٿي جيڪا سمجهندي هجي ته گڏجي ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻو آهي. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان ڏٺو ته پيسي وارا ملڪ جنهن وٽ اسان کان وڌيڪ پيسو هو اُهي به اڄ خراب حالتن ۾ آهن، هنن جي صحت جون سهولتون ڏکئي وقت جو مقابلو نٿيون ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي صحت جي نظام ۽ اسپتالن تي ڌيان ناهيون ڏئي سگهيا ته اِهو اسان جي لاءِ وڏو چيلينج آهي پر الله جو شڪر آهي هن وقت تائين وائرس جهڙي طرح پکڙيو آهي، ان جو مقابلو اولهه ملڪن سان ڪيون ته اُهي حالتون ناهن. هن چيو ته اسان جي اسپتالن ۾ اڃان تائين اُها حالت ناهي جيڪا ٻاهر جي ملڪن ۾ڏسي رهيا آهيون پر اسان کي هي سال وائرس سان گڏ گذارڻو پوندو ان ڪري قوم جيترا به وسيلا آهن انهن سان گڏجي مقابلو ڪندي. ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت سندس چوڻ هو ته ان کان پهرين اسان پي ٽي وي تي ٽيلي اسڪول شروع ڪيو هو ۽ ان کي وڌيڪ وسعت ڏينداسين ۽ هاڻ ٽيلي هيلٿ شروع ڪيو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽرن کي رجسٽرڊ ڪيو ۽ خاص ڪري ڊاڪٽرياڻين کي رجسٽرڊ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم ۾ به ڏورانهن علائقن ۾ ٽيڪنالاجي جي ذريعي تعليم به ڏئي سگهجي ٿي، پوءِ اسان وٽ ڊاڪٽرن ۽ عوام تناسب به ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ خراب آهي جنهن کي اسان ٽيلي هيلٿ سان پورو ڪري سگهون ٿا ۽ اڄ ان جو افتتاح ڪري ڇڏيو تانيه ادرس: وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار تانيه ادرس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي جيڪو سڄو ملڪ پنهنجي عوام کي واٽس ايپ جي ذريعي انسٽا جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. تانيه ادرس چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بلندين کي ڇُهي سگهجي ٿو جنهن جو هڪ مثال هي پروگرام آهي ۽ اڄ اِهو قوم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن توهان ڊاڪٽر آهيو ته ان ۾ شامل ٿي وڃون ۽ جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڊاڪٽر جي ضرورت آهي ته ان نمبر تي وڃو ۽ واٽس ايپ ڪيو.