ڪراچي/اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس 24 ڪلاڪن دوران 46شهرين کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار 932نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ متاثرن جو انگ 45 هزار 898 ٿي ويو آهي.
سنڌ ۾17 هزار 947، پنجاب ۾ 16هزار 685، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 554، بلوچستان ۾2 هزار 885، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 113، گلگت بلتستان ۾ 556 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 133شهري وائرس ۾ وٺجي ويا، آهن، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 985 ٿي ويو، 12 هزار 489 شهري وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.
سنڌ ۾ ڪورونا سان وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 1017 ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 316 ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته 1017 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 18 هزار 946 تي پهچي چڪو آهي، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 904 ڄڻا صحتياب پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 645 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 104 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن. سرڪاري پورٽل موجب نون ڪيسن کانپوءِ شهر ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 1138 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وفاقي تخت گاهه ۾ وائرس سان 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 151 ٻڌايو ويو آهي. آزاد ڪشمير ۾ اربع ڏينهن ڪورونا جا وڌيڪ 18 ڪيس سامهون آيا، جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن. پورٽل موجب علائقي ۾ متاثرن جو انگ 133 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 77 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست پڻ ڏئي ڇڏي آهي. آزاد ڪشمير ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سبب هڪ فوتگي سامهون آئي آهي. پنجاب ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 709 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 16685 ٻڌايو ويو هو. پي ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته وڌيڪ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو مجموعي انگ 290 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ هيل تائين 5067 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. بلوچستان ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ 193 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 2885 ٿي ويو هو. صوبائي حڪومت جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ هيل تائين 38 ڄڻا وائرس سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جوانگ 608 آهي. خيبر پختونخواهه ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 11 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 345 ٿي ويو هو. صوبائي صحت کاتي موجب 324 نون مريضن کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 6554 ٿي چڪو آهي. ڪي پي ۾ هيل تائين 2058 ڄڻن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. گلگت بلتستان ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ 6 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 556 ٻڌايو ويو هو. گلگت ۾ هيل تائين 4 ڄڻا ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويا آهن، جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 390 آهي.