اسلام آباد: پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري اچي ويو. پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ٻڌايو ته الله جو شڪر آهي منهنجي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي آهي ۽ هاڻ سيلف آئسوليشن جو مدو پورو ڪري گهر شفٽ ٿي ويو آهيان. واضح رهي ته گذريل مهيني پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر دبئي مان ملتان آيو هو، هو 24 ڪلاڪ مقامي هوٽل ۾ آئسوليٽ ٿيو هو ۽ ٽيسٽ رپورٽ ناڪاري اچڻ تي گهر هليو ويو هو.