لاهور: پنجاب ۾ داتا درٻار، پاڪپتن سميت سموريون درٻارون ۽ مزارون کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. لاهور ۾ پنجاب جي امن امان بابت صوبائي سب ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۾ اوقاف کاتي جي انتظام هيٺ 544 مزارون کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پنجاب جي قانون واري وزارت راجا بشارت چيو ته داتا درٻار، درٻار پاڪپتن سميت سموريون درٻارون کولڻ جي اجازت ڏئي وئي آهي، سڀني مزارن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر ايس او پيز تي عمل لازمي هوندو. اجلاس ۾ جمعته الوداع، شب قدر، يوم القدس ۽ عيدالفطر تي ڪورونا جي حوالي سان ايس او پيز توڙي سيڪيورٽي انتظامن جو به جائزو ورتو ويو. راجا بشارت جو چوڻ هو ته نيون ايس او پيز اچڻ تائين مارڪيٽ ۽ مسجدن ۾ موجوده ايس او پيز جي سخت پابندي ڪرائي وڃي، چنڊ رات تي عوامي هنڌن ۽ رهائشي علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي سخت نظر رکي وڃي، عيد موڪلن ۾ راولپنڊي انتظاميا مري ويندڙن لاءِ ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائي، سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پاڻ ۾ گڏيل رابطا ڪري امڪاني تخريبڪاري ڪارروائيون ناڪام بڻائن.