اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نٿو چاهي.بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل دهشتگردن حملن تي پنهنجو رد عمل ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت بلوچستان ۾ مختلف قسم جون سازشون ڪري رهيو آهي، ڀارت جو ماضي ۾ به بلوچستان جي دهشتگردي ۾ هٿ رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪونسل جي صدر کي نئين صورتحال بابت هڪ خط لکي رهيو آهيان جنهن ۾ ٻڌائيندس ته ڀارت پاڪستان ۾ فالس فليگ آپريشن جو بهانو ڳولي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت طرفان فالس فليگ آپريشن جو ڊرامو ڪري سگهي ٿو، ڀارت نٿو چاهي ته پاڪستان ۾ امن رهي، ڀارت افغانستان ۾ امن جي اڳڀرائي به نٿو چاهي. پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي قيامت آندي آهي اُها دنيا ڄاڻي ٿي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيل ڀارتي ظلمن جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي.