اسلام آباد: واٽر اينڊ پاور ڊويلپمنٽ اٿارٽي (واپڊا) جي چيئرمين چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت ۾ 30 سيڪڙو رقم حڪومت ڏيندي ۽ اِهو منصوبو 2028 تائين مڪمل ٿي ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ چيئرمين واپڊا مزمل حسين چيو ته پاڻي سان گڏ پاڪستان جي توانائي ۽ فوڊ سيڪيورٽي سلهاڙيل آهي، ڀارت پاڪستان ۾ پاڻي جي صورتحال سنگين بڻائي رهيو آهي. واپڊا جي چيئرمين چيو ته پاڻي سان پاڪستان جي توانائي ۽ فوڊ سيڪيورٽي سلهاڙيل آهي ۽ هن وقت پاڪستان پنهنجي ضرورت جو رڳو 10 سيڪڙو ذخيرو ڪري سگهندو آهي ان ڪري ديامر ڀاشا ڊيم ۽ ٻين منصوبن جي مدد سان پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سهولت کي ٻيڻو ڪنداسين. واپڊا جي چيئرمين ٻڌايو ته واپڊا 9 هزار 400 ميگا واٽ پن بجلي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ ان کي 14 هزار ميگا واٽ تائين وڌائينداسين. هن ٻڌايو ته ديامر ڀاشا پن بجلي جي لاءِ گڏيل طور تي 1400 ارب رپيا خرچ ٿيندا جنهن مان 30 سيڪڙو فنڊنگ حڪومت ڪندي جڏهن ته باقي رقم بانڊز سميت ٻين ذريعن کان حاصل ڪئي ويندي.