واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڪيسن کي ملڪ لاءِ هڪ اعزاز قرار ڏئي ڇڏيو. وائيٽ هائوس ۾ بريفنگ ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا ۾ ڪووڊ 19 جي وڌيڪ ڪيسن جو مطلب اهو اهي ته هتي ڪورونا جي ٽيسٽنگ سڀ کان وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ ٿي آهي. واضح رهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 15 لکن کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 92 هزار ماڻهو ان وبا سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن. آمريڪا پاڙيسري ملڪ ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو سان سرحدون اڳ ئي بند ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ٽرمپ انتظاميا هاڻ برازيل تي به سفري پابندي لاڳو ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ياد رهي ته تازو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو هو ته هو ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ مليريا جي خاتمي جي دوا هائيڊرو ڪلوروڪين استعمال ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر موجب مان ٻن هفتن کان اها دوا استعمال ڪري رهيو آهيان ۽ آمريڪا جا ڪيترائي ڊاڪٽر پڻ ان کي استعمال ڪري رهيا آهن. دونلڊ ٽرمپ ان کان اڳ به مليريا جي دوا ڪورونا خلاف فائديمند هجڻ جا بيان ڏيندو رهيو آهي پر هيل تائين اهڙيون ڪي سائنسي شاهديون سامهون ناهن آيون ته هائيڊروڪسي ڪلوروڪين جو استعمال ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان دوا جا ناڪاري اثر دل جي مرضن سميت ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿا.