لاهور: ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل جي فرانزڪ آڊٽ مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٽيڪسن جي مد ۾ اربين رپين جي فراڊ جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل جي فرانزڪ آڊٽ مڪمل ڪري ورتي، جنهن جي رپورٽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزير اعظم عمران خان ڏانهن به موڪلي ويندي، رپورٽ ۾ شگر ملز انتظاميا جي بيان به ريڪارڊ جو حصو بڻجي ويا آهن. ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به اسڪينڊل جي جاچ ۾ پهريون ڀيرو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو ويو، جنهن ۾ وڏا وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، شگر مافيا جو تعلق وڏين سياسي پارٽين سان آهي، هي مافيا اڄ تائين پاليسي بڻائڻ ئي ناهي ڏئي سگهي، اسٽيٽ بينڪ ۽ مسابقتي ڪميشن سميت ٻيا ادارا به ملوث آهن، جاچ شروع ٿي ته سڀ هڪ ٿي ويا، جاچ ڪميشن جي ڪيترن ئي آفيسرن کي نتيجن جي ڌمڪين سان گڏوگڏ ڪروڙين رپين جي آڇ به ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شگر مافيا هارين جو اسحتصال به ڪندي آهي، هارين کان ڪمند خريدڻ کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين اربين رپين جي ادائيگي ناهن ڪندا، جنهن جي ڪري هاري مجبوري ۾ ٻيڻي اگهه تي وڪرو ڪندا آهن.