اسلام آباد: کنڊ بحران بابت جاچ رپورٽ تي وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس طلب ڪري ورتو. تفصيل موجب کنڊ بحران بابت جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي ۽ ان تي بحث جي لاءِ وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا خاص اجلاس طلب ڪري ورتو. اجلاس سڀاڻي منجهند 1 وڳي وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ کنڊ بحران تي جاچ رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪئي ويندي ۽ رپورٽ تي ڪابينا کي تفصيلي بريفنگ به ڏني ويندي.