خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) خيرپور ناٿن شاهه پوري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تباه ڪارين جو سلسلو جاري، ڪي اين شاهه ۾ ٽن ڄڻن جي ڪرونا چڪاس مثبت اچي وئي، شهرين ۾ خوف ۽ حراس، ٽيسٽ پازيٽو ايندڙن کي گھرن تائين محدود ڪيو ويو، ڊي ايڇ او دادو پاران ٽيسٽ پازيٽو ايندڙ جي عزيزن ۽ انهن سان ملندڙ جلندڙ ماڻهن جون ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ صحت کاتي کي هدايتون جاري. خبرموجب جتي پوري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تباه ڪارين جو سلسلو هلندڙ آهي اتي ڪي اين شاهه شهر واسي به ان وائرس جي ضد ۾ اچي ويا آهن گذريل ڏينهن صحت کاتي پاران ڪي اين شاهه شهر جي ڇهن ڄڻن عابد حسين ٻٻر، سيد اظهرحسين شاهه ، سيد شفقت حسين شاهه، رئيس امداد گاڏهي ،امتياز لنڊ ۽ آفتاب سولنگي جون ڪرونا ٽيسٽون ڪرايون ويون هيون جن مان ٽن ڄڻن سيد اظهر حسين شاه ، سيد شفقت حسين شاهه ۽ رئيس امداد گاڏهي جون رپورٽون پازيٽو اچڻ جي ڊي ايڇ او دادو تصديق ڪري ڇڏي آهي، ڊي ايڇ او دادو ۽ ايس ڊي ايم خيرپور ناٿن شاهه ارشاد ڪمالاڻي موقف ڏيندي چيو ته رپورٽون مثبت ايندڙ فردن کي گھرن تائين محدود ڪيو ويو آهي، هنن اهو به چيو ته سندن گھر ڀاتين ۽ هنن سان ملندڙ جلندڙ ماڻهن جي ٽيسٽن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڊي ايڇ او دادو صحت کاتي جي ذميوارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ جڏهن رپورٽون مثبت ايندڙ شهرين کان موقف ورتو ويو ته انهن ٻڌايو ته اسان ۾ ان وبا جون ڪي به علامتون نه آهن ان هوندي به اسان آغا خان ليبارٽري مان ٽيسٽون ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون اسين بلڪل تندرست آهيون ۽ پنهنجي گھرن ۾ آسوليٽ ٿي ويا آهيون ڪنهن کي به ان متلق پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي هوڏانهن رپورٽون پازيٽون اچڻ کانپوءِ خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد شهرين ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آهي.