اسلام آباد: (سنڌ نيوز آن لائن) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميئر اسلام آباد جي معطلي واري حڪم نامي کي معطل ڪندي شيخ انصر عزيز کي بطور ميئر وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي ڪابينه جي منظوري کان پوءِ حڪومت شيخ انصر عزيز کي انٽرسٽي بس پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن جي الزامن تي 90 ڏينهن جي لاءِ معطل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو.شيخ انصر عزيز پنهنجي معطلي جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو جنهن تي عدالت لاڳاپيل اختيارين کي شيخ انصر جي معطلي بابت سمورو رڪارڊ طلب ڪيو هو.هاڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميئر اسلام آباد جي معطلي جي حڪم نامي کي معطل ڪندي شيخ انصر عزيز کي بطور ميئر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.