ڪنڊيارو(سنڌ نيوز آن لائن) اصغريه علم و عمل تحريڪ پاڪستان ڪنڊيارو طرفان سالانه القدس ڏهاڙي جي حوالي سان نيشنل پريس ڪلب ۾ صدر سيد تصور علي رضوي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن سال وبائي صورتحال ۽ صوبي ۾ لاڪ ڊائونڊ کي مدِ نظر رکندي انتظاميه سان تعاون ڪندي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ذريعي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي مظلوم فلسطيني عوام سان حمايت جو اظهار ڪيو ۽ غاصب صيهوني اسرائيل جي فلسطين جي مقدس سرزمين تي قبضي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل کي انبياء ڪرام جي سرزمين ۽ تمام مسلمانن جي قبله اول بيت المقدس تان قبضو ڇڏي فلسطينين جي حوالي ڪرڻ گھرجي. اڳواڻڻ اهو به مطالبو رکيو ته پاڪستان جي حڪومت اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو نه سوچي ڇو ته پاڪستان جي باشعور ۽ غيرتمند عوام اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان مڪمل انڪار ڪيو آهي اگر اهڙو ڪو به قدم کنيو ويو ته پاڪستاني عوام حڪمرانن جي خلاف آوازِ حق بلند ڪندي سندن جو تختو الٽو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي. پريس ڪانفرنس ۾ اصغریہ تحريڪ ڊويزن نوابشاهه جي عهديدار سيد طاهر حيدر رضوي ڊويزن طرفان نمائندگي ڪئي ۽ يونٽ جنرل سيڪريٽري محمد خان گوپانگ پڻ شريڪ هئا. پريس ڪانفرنس ذريعي ميڊيا نمائندن کي گذارش ڪئي وئي ته هن احتجاج ذريعي اصغریہ تحريڪ جو آواز ايوانن ۽ اعليٰ اختياري ادارن تائين پهچائڻ ۾ تعاون فرمائيندا.