لاهور (سنڌ نيوز آن لائن) ريلوي واري وزير شيخ رشيد ٽڪيٽ بڪ ڪرائڻ لاءِ ڪائونٽر کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ريلوي جو سسٽم هاڻ آن لائن بڪنگ جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي.
جاري ڪيل ويڊيو پيغام ۾ شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ۽ لاهور سميت 7 شهرن ۾ ٽڪيٽ بڪ ڪرائڻ لاءِ ڪائونٽر کوليا پيا وڃن.
هن چيو ته صبح جو 8 کان شام 5 وڳي تائين ٽڪيٽ بڪ ڪرائي سگهبي، ڪائونٽر تي ايندڙ شهري ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائين. سندس چوڻ هو ته آن لائن سسٽم ۾ حد کان وڌيڪ بڪنگ ٿي آهي، تنهنڪري ان تي بار وڌي ويو آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪائونٽر کوليا ويندا.