ممبئي/ڍاڪا (سنڌ نيوز آن لائن) سامونڊي طوفان اَمفان ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تباهي مچائي ڇڏي، ڪولڪتا سميت اولهه بنگال جا ڪيترائي ضلعا طوفان جي لپيٽ ۾ اچي ويا، تيز هوائن سان برساتن ۽ ٻوڏي واري صورتحال سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي، بي گهرن ٿيلن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.