ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻين صوبن ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏني آهي ته سنڌ ۾ ڇو بند آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو انٽر سٽي بس سروس تي پابندي خلاف درخواست تي سنڌ سرڪار کان پهرين جون تي جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ سرڪار جي پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ بابت پاليسي ڇا آهي؟. ٽرانسپورٽرز جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ واري وزير جو رويو ظالماڻو آهي، لکين ٽرانسورٽرز بيروزگار ٿي چڪا آهن. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو آهي ته سنڌ حڪومت طبي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ سمورا فيصلا ڪندي آهي ۽ رجسٽرڊ ٽرانسپورٽرز سان ڳالهيون به ڪري رهي آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو هاڻي لڳي ٿو ته لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ وارو آهي، عدالت سنڌ سرڪار کان پهرين جون تي جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.