ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان وفاق طرفان اڃا تائين ڪوبه اشارو نه ڏنو ويو آهي، سنڌ حڪومت هر ڳالهه تي ناراضگي جو اظهار نه ڪري. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته رڳو سنڌ ۾ ٽائيگر فورس کي فعال ڪرڻ تي اعتراض واريو ويو، هر ڳالهه تي ناراضگين جو اظهار ڪيو ويندو ته پوءِ ڪم ڪيئن هلندو. هن وڌيڪ چيو آهي ته وفاق هڪ حقيقت آهي ۽ اُن سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڪيڏهن ڪو حقيقت کان منهن موڙي ٿو ته اهو بيمار ذهن آهي. گورنر سنڌ چيو آهي ته هر صوبي ۾ ٽائيگر فورس صوبائي حڪومت سان گڏجي هلندي پر سنڌ ٽائيگر فورس وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم مون کي ذميواري ڏني آهي ته ٽائيگر فورس کي گڏي کڻي هلان، ٽائيگر فورس ۾ هڪ لک 56 هزار رضاڪار شامل آهن. هن چيو ته ٽائيگر فورس ۾ ماسٽر ڊگري هولڊر، ڊپلومه ڊگري هولڊر، ايف ايس سي، اي ليولز، ميٽريڪوليشن ۽ مڊل اسڪولز جا ماڻهو به شامل آهن. گورنر چيو ته هي اهي ماڻهو آهن جن جو ڪنهن به سياسي جماعت سان تعلق ناهي، صرف خدمت جي جذبي تحت اڳتي آيا آهن.هن چيو ته ٽائيگر فورس جا رضا ڪار يوٽيلٽي اسٽورز ۽ احساس ڪفالت سينٽرز تي به ڊيوٽي ڪندا ته جيئن ڪنهن سان به نا انصافي نه ٿئي.