مورو(سنڌ نيوز آن لائن) مورو شھر جي وارڊ نمبر 3 ڪلهوڙا ڪالوني ۾ گھرو پريشاني سبب نوجوان شيراز علي ولد اڪرم ڪلھوڙو پنهنجي گھر اندر ڳچي ۾ رسو وجھي ڦاهو کاهي خدڪشي ڪري ڇڏي سندس ڪمري جو در بند هو جنهن بعد سندس مائٽن ڪمري جو در کولي اندر سندس ٽنگيل لاش ڏسي نوجوان جي لاش کي هيٺ لاٿو جنهن بعد مورو اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته سندس وارثن ڪوبه موقف نه ڏنو ٻئي طرف نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏهن ته مورو ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي.