مٽياري(سنڌ نيوز آن لائن) هالا ويجهو نيو سعيد آباد ريگيوليٽر مان نڪرندڙ تارا مائينر کي ٻاروچو باغ وٽ اچانڪ 50 فٽ کان مٿي گهارو لڳي ويو گهاري سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن . ڪيلي جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو اطلاع باوجود ايريگيشن عملدار نه پهتا ڳوٺاڻن مڙسي ڪري گهاري کي عارضي طور بند ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ جڏهن ايس ڊي او ايريگيشن هالا سائين ڏنو ميمڻ سان صحافين رابطو ڪيو ته ايس ڊي او ايريگيشن صحافي سان بدتميزي ڪندي صحافي کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندي چپ رهڻ جو چوندو رهيو ايس ڊي او ايريگيشن هالا جي ايس ڊي او جي صحافي سان بدتميزي تي صحافين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي صحافين ايس ڊي او ايريگيشن هالا خلاف ڪاروائي جي گهر ڪري ڇڏي .