ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي علائقي ڊفنيس ۾ جوابدار ڇرين جا وار ڪري زال، مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. هڪ ميل نرس زخمي ٿي پيو، سرجاني ٽائون واري علائقي مان به هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب ڊِفينس جي علائقي خيابان بخاري فيز 6 ۾ اڳوڻي بينڪر جاويد ۽ سندس گهر واري سلميٰ کي سندن اڳوڻي گهر جي ملازم جوابدار نواز ڇريءَ سان ڳلا ڪپي کين قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب گهر ۾ مقتول زال مڙس سان گڏ هنن جي هڪ ڌيءَ به رهندي هئي ۽ واردات جي وقت هڪ ميل نرس به گهر ۾ موجود هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نواز گهر ۾ ڌاڙي جي نيت سان داخل ٿيو ته گهر ڌڻين مزاحمت ڪئي، جنهن تان واقعو پيش آيو. پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڦرڪيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ڀرسان بهرام ڳوٺ ڀرسان بيگ ۾ بند ندي مان تشدد ٿيل لاش مليو آهي. شهرين جي اطلاع تي ريسڪيو عملدار پهچي لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.