ميڊرڊ: سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب ڪيل لاڪ ڊائون سبب عوام جي معمول واري زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي.اسپين ۽ آمريڪا ۾ شهرين احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. پوليس سان چڪرين دوران ڪيترن ئي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته روس ۾ شهري لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ڪورونا وائرس جي وبا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪافي قدم کڻڻ تي اسپين ۾ ماڻهن حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.سوين ماڻهن روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو. پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن فليٽن جي بالڪوني تان احتجاج رڪارڊ ڪرايو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ٿانو ۽ چمچا وڄائيندا روڊن تي نڪري آيا.آمريڪي رياست مشي گن ۾ لاڪ ڊائون کان تنگ ماڻهن جو انوکو احتجاج، سرڪاري عمارتن جي ٻاهران باربر شاپس جو منظر ٺاهي ورتو. مظاهرين هڪ ٻئي جي حجامت ڪندا رهيا.روس ۾ تيزي سان پکڙجندڙ وبا کان بچڻ جي لاءِ هڪ خاندان ماسڪو مان 100 ڪلو ميٽر، پري اباڻي ڳوٺ لڏ پلاڻ ڪري ويو. مذڪوره خاندان ڪاٺ سان ٺهيل گهر ۾ رهندي ڪڪڙيون پالي ۽ سبزيون پوکي گذر سفر ڪرڻ ۾ مصروف آهن.