ملير ( سنڌ نيوز آن لائن) گلشن حديد ۾ ڪرونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت جي هدايت تي ڪرونا ٽيسٽنگ ڪيمپ منعقد ڪئي وئي آھي، 50 مرد ۽ عورتن جا ٽيسٽ ڪيا ويا .صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ جي ھدايتن تي ڪيمپ قائم ڪئي وئي. ڪيمپ جي نگراني ڊي ايڇ او ملير ڊاڪٽر مقبول ميمڻ،بن قاسم ٽائون جو فوڪل پرسن سينئر ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهاڻي ۽ ميمبر ضلع ڪائونسل ڪراچي آغا طارق پٺاڻ ڪري رھيو آھي.صحافين ڳالهائيندي فوڪل پرسن بن قاسم ٽائون سينئر ڊاڪٽر محمد بخش ۽ ميمبر ضلع ڪائونسل ڪراچي آغا طارق پٺاڻ چيو ته گلشن حديد ۾ وڌيڪ ڪرونا وائرس جا مريض ظاهر ٿيڻ بعد صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ جي هدايت تي ڪيمپ لڳائي وئي آهي ته جيئن اسان ڪرونا وائرس جي مريضن جو پتو لڳائي سگهون، گلشن حديد ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪرونا کي شڪست ڏئي صحيتاب ٿي چڪا آهن، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ لائحه عمل تيار ڪيو ويندو.