گهوٽڪي (سنڌ نيوز آن لائن) گهوٽڪي ۾ميراڻي برادري پوليس خلاف احتجاج ڪندي گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ عورتن تي تشدد ڪري 3 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جون دانهون ڪيون. پورهيتن چيو ته آندل سندراڻي ۽ جانڻ واسو پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪري گهرن ۾ پيل اناج، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي وئي آهي. خبر موجب گهوٽڪي جي آندل سندراڻي حد جي پوليس ميراڻي برادريءَ جي گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاھ ڪئي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ۽ ٽي ڄڻا گرفتار ڪري گهر ۾ پيل سمورو سامان پوليس ميڙي وئي ، متاثرن جو چوڻ هو ته پوليس اسپتال ۾داخل سندن ٽن مريضن علي اصغر، ملوڪ ۽ جبار ميراڻي کي به کڻي وئي. پورهيتن الزام هنيو ته پوليس مٿن حملو ڪري 13 ڄڻن کي زخمي ڪندڙ جوابدارن جي ونگار وهندي فيصلو ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي. هنن چيو ته بااثر سان ٺاهه ڪرائڻ لاءِ پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري تشدد ڪيو، 3 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.