اسلام آباد (رپورٽر) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ نوان اگهه پهرين جون کان لاڳو ٿيندا.ناڻي واري وزارت اوگرا طرفان موڪليل سمري کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو.
حڪومت پيٽرول جي في ليٽر تي وڌيڪ 7 رپيا 6 پئسا گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 74 رپيا 52 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي في ليٽر اگهه ۾ 5 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو ان جي قيمت 80 رپيا 15 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ 11 رپيا 88 پئسا لاٿ کانپوءِ 35 رپيا 56 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. اهڙي ريت لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 9 رپيا 37 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو 38 رپيا 14 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. حڪومت طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته نوان اگهه اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿيندا.