اهڙين حالتن ۾ به وفاق ۽ صوبائي حڪومتون هڪ ٻئي جي خلاف پوائينٽ اسڪورنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن: پي ايس پي سربراهه
ڪراچي (رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين سيد مصطفي ڪمال چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي جي ڪري پوري ملڪ جون حالتون سنگين ٿي رهيون آهن گذريل 11 ڏينهن ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکيڙجي رهيو آهي. ٽن مهينن کان عوام کي حڪومت گمراهه ڪرڻ کان علاوهه ڪجهه به نه ڪيو آهي. قوم هاڻ حڪمرانن کان اميدون لڳائڻ بند ڪري ۽ ان سنگين صورتحال ۾ پنهنجي پيارن کي نااهل حڪمرانن جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏي. اسان کي پنهنجي علائقي ۾ پنهنجي ماڻهن کي بچائڻو آهي اهو اسان جي مٿان فرض آهي. حالتون بهتر نه آهن خدانخواسته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ موت تيزي سان وڌي سگهي ٿو. هر يوسي جي سطح تي قرنطينه جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
هن چيو ته پي ايس پي جا سمورا ڪارڪن پنهنجي تياري اڄ کان ئي شروع ڪري ڇڏين ۽ ٻن ڏينهن جي اندر پنهنجو ڪم مڪمل ڪن ان جي لاءِ پنهنجي علائقي جا اسڪول هال نظر ۾ رکن ، حڪومت مان ڪابه اميد نه رکن. حڪومت جا ميمبر اڃا تائين ڪٿي نظر نٿا اچن. ڪرونا وڌيڪ پکڙجي ويو ته ٽي تي به نظر ڪونه ايندا. هر يونين ڪائونسل جي سطح تي جزوي اسپتالون ٺاهڻ پئجي سگهن ٿيون ، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن اڄ به چا ڊاڪٽر موت جي منهن ۾ هليا ويا اهڙين حالتن ۾ اسان جون حياتيون به هليون وينديون پر پي ايس پي جنهن وٺ اڄ هڪ ڪونسلر جي به سيٽ نه آهي اها عوام کي ائين مرڻ ڏسي نٿي سگهي. اسان الله جي مخلوق جي عبادت عين عبادت سمجهون ٿا اسان عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين ان جي لاءِ ڀلي اسان کي ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي ان کان نه ڪيٻائينداسين.
ان چيو ته دنيا تبديل ٿي وئي آهي پر پاڪستان جا سياستدان اڄ به تبديل نه ٿيا آهن اهڙين حالتن ۾ به وفاق ۽ صوبائي حڪومتون هڪ ٻئي جي خلاف پوائينٽ اسڪورنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن اڍائي مهينا پهرين چيو هو ته وزير اعظم وزير اعلي ايم اين اي ، ايم پي ايز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کان به ڪرونا وائرس جو پکڙڻ ۽ ان جا اثرات نه روڪجي سگهندا. ان آزمائش کي منهن ڏيڻ ۽ ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو واحد ۽ اڪيلو رستو اهو آهي ته ڏيڍ لک بلدياتي نمائندن کي صدارتي آرڊيننس جي ذريعي سان ڪجهه مهينن جي لاءِ فعال ڪيو وڃي ۽ سمورن سياسي جماعتن جا ڪارڪن پنهنجي علائقي جي چونڊيل نمائند جي تحت ڪم ڪن ها ته ان آزمائش مان آساني سان نڪري سگهجي ها ڇو ته يو سي چيئرمين کي پنهنجي علائقي جي مڪمل تفصيلي معلومات هوندي آهي پر وزير اعظم عمران خان کي ته سياست ڪرڻي هئي ان جي لاءِ نئي ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان ڪيو انهن خيالن جو اظهار ان ويڊيو لنڪ ۾ خطاب ڪندي ڪيو.
سيد مصطفي ڪمال جهاز حادثي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ايترا ڏينهن گذرڻ جي باوجود جهاز حادثي جي شهيدن جا جنازا اڃاتائين لواحقين کي نه ملي سگهيا آهن مائرون ۽ ڀينرون در در جا ڌڪا کائي رهيون آهن حڪومت ڏکويل خاندانن کي تنگ نه ڪري ۽ انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ۽ الله کان پنهنجي لاءِ آسانيون طلب ڪري.
ان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪيترائي مسئلا ارڙهين ترميم ۾ ترميم ڪري حل ڪري سگهجن ٿا جنهن ۾ پي ايف سي ايوارڊ جو اجرا به شامل آهي تان ته اختيارات ۽ وسائل هيٺين سطح تائين پهچي سگهن. قانوني اصلاحات جي ذريعي سان عوام کي هيٺين سطح تائين بااختيار بنائي ارڙهين ترميم جا ثمرات حاصل ڪري سگهجن ٿا اڌوري ترميم جي ڪري ملڪ کي فائدي جي بدران نقصان ٿي رهيو آهي. ان چيو ته آئون جڏهن اختيارات جي منتقلي جون ڳالهيون ڪريان ٿو ته سمجهيو وڃي ٿو ته مصطفي ڪمال صرف شهري علائقن جون ڳالهيون ڪري ٿو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته آئون پوري پاڪستان جي هر علائقي ڪنڊ ۽ ڪڙڇ جي لاءِ چوان ٿو. پاڪستان جي ترقي جو راز بلدياتي نمائندن کي اختيارات ۽ وسائل جي منتقلي آهي.