ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪوڙن ڊوميسائل وفاق ۽ سنڌ صوبي ۾ سنڌي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون نه ملڻ خلاف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي سنڌ جي عوام عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. چويهه ڪلاڪن اندر ڏھ لکن کان وڌيڪ ٽويٽس ڪري پاڪستان ۾ پھريون نمبر ۽ دنيا ۾ پنجين نمبر تي ٽرينڊ جو اعزاز حاصل ڪيو. جعلي ڊوميسائل خلاف ٽرينڊ جو عنوان سنڌ ڪوڙن ڊوميسائل کي رد ڪري ٿي. اھڙي ريت ھڪ ملين کان وڌيڪ ٽويٽس ڪري سنڌ عالمي سطح تي جعلي ڊوميسائل، پي آر سي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌ جي حق تي ڌاڙي کي رد ڪري ڇڏيو. ٽرينڊ ۾ سنڌ جي سياسي پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن، سنڌي اديبن، دانشورن، صحافين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، سڄاڻ ڌرين، فنڪارن، اداڪارن سميت زندگي جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھن ماڻھن لکين ٽويٽس ڪيا. جنھن ۾ سنڌ جي مڙني قومي ۽آئيني حقن جو مطالبو ڪيو. ٽرينڊ ۾ ڪوڙا ڊوميسائل رد ڪري سٽيزن شپ ايڪٽ تبديل ڪري وفاق ۾ سنڌ کي ڪوٽا مطابق سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.