نوابشاهه(اي ڪي ڏاھري)سڪرنڊ شهر جي ڪيريا ڪالوني جي رهواسين مردن توڙي عورتن سلطان خاصخيلي، قاسم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته 15 ڏينهن اڳ جوابدار الهه داد وساڻ پنهنجي هٿياربند ساٿين بلاول، ممتاز، خادم ۽ انور وساڻ سان گڏ اسان جي نياڻي فوزيه خاصخيلي کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ اسان اهڙي اين سي سڪرنڊ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر ان جي باوجود اسان جي نياڻي اڃان تائين واپس نه ٿي آهي، هنن چيو ته جوابدار ڏوهاري ۽ منشيات فروش آهن جيڪي نياڻي به اسان جي اغوا ڪري ويا آهن ۽ پوليس اسان جي ڪابه مدد نٿي ڪري جڏهن ته اسان علائقي جي معززين کي به نياڻي جي واپسي لاءِ منٿون ڪيو آهن پر اسان غريبن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، انهيءَ جي ڪري اسان مجبور ٿي پريس ڪلب آيا آهيون، هنن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته اسان کي نياڻي موٽرائي ڏني وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.