ڪنڌڪوٽ(عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌ ڪوٽ 15 ڏينهن اڳ مڇي جي فارم تان مبينا طور اغوا ٿيل صحافي غلام رسول ميراڻي ۽ صحافي قدرت الله ميراڻي جي نوجوان ڀائيٽي شير علي ميراڻي جو پوليس انتظاميا ڪو به ڏس پتو نه لڳائي سگهي آهي ـ جنهن ڪري نوجوان جي خاندان ۽ گھر ۾ ڏک وارو ماحول ڇانيل آهي. صحافي غلام رسول ميراڻي سان مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ھمدردي جو سلسلو جاري آهي ـ سنڌ ملاح فورم جو چيئرمين اڳوڻو ڊي آئي جي ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي سندس جي آفيس پھچي صحافي غلام رسول ميراڻي کان مبينا اغوا ٿيل نوجوان ڀائيٽي بابت معلومات ورتي ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو ـ انھي موقعي تي سي آئي اي انچارج گل محمد مھر به آفيس پھچي ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي سان ملاقات ڪري نوجوان جي جلد بازيابي لاء يقين ڏياريو ـ انهيَ حوالي سان ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي جو چوڻ ھو ته سنڌ ملاح فورم قانون جو احترام ڪندي ھر مسئلي کي قانوني طريقي سان حل ڪرائڻ تي يقين رکي ٿي انهيَ ڪري ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پاران رابطو ڪري ھڪ ھفتي جي مھلت ورتي ۽ 28 مئي تي رٿيل احتجاج جو سڏ واپس ورتو ويو آهي ـ پوليس جلد نوجوان جو پتو لڳائي بازياب نه ڪرايو ته سنڌ جي ھر شھر ۾ ملاح فورم پاران ڀرپور نموني احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي ـ ٻئي طرف صحافي غلام رسول ميراڻي ۽ مختلف سڃاڻ ڌرين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايترا ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود پوليس اڃان تائين نوجوان جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي آهي ھنن مطالبو ڪيو ته پوليس نوجوان شير علي ميراڻي جي بازيابي لاء ڪوششون تيز ڪيون وڃن ته جئين نوجوان خير خيريت سان اچي سگهي ـ ٻئي صورت ۾ سياسي ـ سماجي تنظيمن ۽ صحافي برادري پاران احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.