ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاما چيئرمين تعليم واري وزير کان اسٽريئنگ ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ان بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پرائيوٽ اسڪول مئنجمينٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين شرف الزمان چيو آهي ته آن لائن ايجوڪيشن پاڪستان ۾ ممڪن ناهي، جنهن ڪري 15 جون کان خانگي اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته ايسوسيئيشن ۾ شامل 7 هزار خانگي اسڪولن کي کوليو ويندو.
شرف الزمان چيو ته اسڪول کولڻ ضروري آهي، هو هاڻي وڌيڪ ادارا بند نٿا ڪري سگهن. پرائيوٽ اسڪول مئنيجمينٽ ايسوسئيشن جي چيئرمين، تعليم واري وزير کان 15 جون کان اڳ اسٽريئنگ ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسڪول کولڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وڃي.