سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ڊي ايس پي سڪرنڊ الطاف آرائينء پاران عوام سان ڏاڍاين ڪرڻ خلاف ٻئين ڏينھن به شھر جا غيور ماڻھو سراپا احتجاج نظر آيا ـ سڪرنڊ جي سياسي سماجي واپارين تنظيمن ۽ شھرين پاران جوڙيل ڊي ايس پي ھٽايو ايڪشن ڪميٽيء جي چيئرمين ۽ صدر سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو جي اڳواڻيء ۾ ڊي ايس پي سڪرنڊالطاف آرائينء پاران عوام تي ڪيل وحشياڻي تشدد , غير مھذباڻي ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ قانون جي ناجائز استعمال خلاف صحافي چوڪ سڪرنڊ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي ـ ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڊي ايس پي سڪرنڊ الطاف آرائين ڪنھن به صورت ۾ قبول نه آھي ان کي ھٽائي پوء ساھ پٽينداسين ھنن چيو ته پوليس جي ذميداري قانون جي پاسداري ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ ھوندي آھي پر ھي بدمست ڊي ايس پي الطاف آرائين قانون جي سڌي ڀڃڪڙي ڪندي غريب عوام تي لٺيون وسائي ٿو ۽گٿا لفظ استعمال ڪري ٿو جنھن عمل کي اسان سندس انتھائي گھٽيا سوچ سمجھون ٿا ـ ھنن ميڊيا جي توسط سان اعلي حڪام کان مطالبو ڪندي چيو ته ڊي ايس پي الطاف آرائين کي فورا” ھٽايو وڃي ۽ سڪرنڊ جي عوام کي عزت سان جيئڻ ڏنو وڃي ـ ٻي صورت ۾ ھي احتجاج وڌي سگھي ٿو ـ علامتي بک ھڙتال واري ڪئمپ تي سڪرنڊ جي سياسي سماجي ۽ واپاري تنظيمن جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا ـ