لاهور (رپورٽر) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت ڄاڻي واڻي لداخ ۾ اڏاوت جي شروعات ڪئي، جنهن تي چين کي خدشا آهن. هن چيو ته ڀارت يا ڪنهن ٻي کي پسند هجي يا نه سي پيڪ محفوظ ۽ گيم چينجر آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جن جي ڪري عوام کي مهانگي کنڊ ملي، انهن کي حساب ڏيڻو پوندو، شوگر ڪميشن رپورٽ تي انصاف ٿيندو، اسڪينڊل ۾ جيڪي ملوث آهن، انهن خلاف ايف آءِ اي حرڪت ۾ ايندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پهرين حڪومت آهي جنهن ڪميشن جي رپورٽ کي دٻايو نه پر عام ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت جون مالي حالتون سڀني جي آڏو آهن، ايڪسپورٽ ڪريل آهي، پر ان باوجود پيٽرول، ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو ويو، بجيٽ ۾ به هيٺين طبقي کي رليف ڏنو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته سمند پار پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، وفاق طرفان ڪا رڪاوٽ نه آهي، صوبا سهڪار نه ڪندا ته واپسي ممڪن نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي آئين ۾ سمورين اقليتن کي هڪ جهڙا حق مليل آهن، پر ڀارت ۾ دلت، مسلمان، سِکَ ۽ عيسائي هندوتوا پاليسي کان تنگ آهن، اتي ڪروڙين ماڻهو غير محفوظ آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت آئين تي عمل به نه پيو ڪري، ڀارتي ميڊيا به مسلمانن جي حقن جي لتاڙ تي خاموش آهي.هن چيو ته ڀارتي مسلمانن سان زيادتي باوجود پاڪستان ۾ هندن کي اقليتي ڪميشن جو سربراهه بڻايو ويو، ڪرتارپور راهداري سميت سمورين اقليتي مذهبي هنڌن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪاش ڀارتي مسلمان به پنهنجي مذهبي هنڌن جي تحفظ تي مطمئن هجن ها، تاريخي بابري مسجد جي شهادت تي ڀارتي سپريم ڪورٽ خاموش تماشائي بڻيل رهي.