ڪنڌڪوٽ(عبدالخالق چاچڙ ) غوثپور دڙي جي سرڪاري اسپتال جو ليبارٽري جو ٽيڪنيشن ڳوٺ قياص ڀيو جو رهواسي ڊاڪٽر علي مراد ڀيو ڪورونا وائرس وڳهي فوت. وڌيڪ تفصيل موجب. ڪشمور ضلعي ۾ جترا به ڪورونا وبا جا ٽيسٽ ٿيا سي ليبارٽري ٽيڪنيشن علي مراد ڀيو پنهنجي پٽ سميت ڪيا تنهن ڪري ٽيڪنيشن علي مراد ڀيو ڪورونا جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي گهر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو ۽ چئن ڏينهن بعد سندس ڪورونا وڳهي پنهنجي ڳوٺ قياس ڀيو ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين اهڙي خبر تيزي سان پکڙجڻ بعد ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي ويئي ڪشمور ضلعي جي ڊي ايڇ او احسان علي ڏاهاڻي ڳوٺ قياص خان ڀيو ۾ پهچي فوتي علي مراد ڀيو کي پنهنجي پوري احتيط بعد مڙھ جو معينو ڪيو ۽ سموري ڳوٺ کي پابند ڪيو ويو ته سومر ڏهاڙي اسان جي ٽيم ڳوٺ قياص ڀيو پهچندي مرد توڙي عورتون پنهنجون ڪورونا جي چڪاس ڪرائين ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او احسان خان ڏاهاڻي ٻڌايو ته ضلعي ۾ ڪيترن هي ماڻهن جي ڪورونا جا سيمپل ليبارٽري ٽيڪنيشن علي مراد ڀيو پنهنجي پٽ سميت ئي وٺندو هو انجي مڙہ ڏسڻ سان ڪورونا واريون تمام علامتون جهڙوڪ ڳلو سوڄي وڃڻ. منهن ۽ نڪ سوڄ ڪري وڄڻ واضع نظر آيو وڌيڪ ان جو چوڻ هو ته ڪيترا ئي ڀيرا مرحوم کي هدايتون ڪيون ته ڪورونا وائرس جي چڪاس ڪرايو پر هو ٽيسٽ ڪون ڪرائي سڳهيو سومر ڏهاڙي سموري ڳوٺ جي ڪورونا وائرس جي چڪاس لا۽ سيمپل ورتا ويندا ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فوتي ڊاڪٽر ڪورونا جي چڪاس سکر جي اسپتال ۾ ڪرائي هئي جنهن ۾ دڙي جي سرڪاري اسپتال جي ليبارٽري ٽيڪنيشن علي مراد ڀيو جي رپورٽ پازيٽو آئي هئي جيڪو گذريل چار ڏينهن کان پنهنجي ڳوٺ قياص ڀيو گهر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو هو رپورٽ اچڻ جي چئن ڏينهن بعد ڪورونا جهڙي موذي مرض جي سٽ نه سهندي سندن لاڏاڻو ڪري ويو سموري ڳوٺ ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي ۽ سمورو ڳوٺ پنهنجي گهرن تائين معدود ٿي ويا آهن.