ڪنڌ ڪوٽ(عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌ ڪوٽ بجلي جا پول لڳڻ بعد سٽي 2 جي بجلي ٻن ڏينهن بعد بحال ٿي وئي بجلي بند هجڻ ڪري شهرين کي پريشاني ٻن ڏينهن مسلسل ڪم ڪري بجلي بحال ڪرائي آهي. سيپڪو بجلي جي بند هجڻ سبب ڪاروبار توڙي اٽي جي چڪيون برف جو ڪارخانو بند برف اڻلڀ بجلي جي بند ٿيڻ سبب شهرين پاڻي پيئڻ ۽ رڌ بچا۽ پاڻي شھر کان ٻاهران گهرائڻ لڳا ٽن ڏينهن کان وٺي هوائن دوران بجلي جا پول ڪريل آهن بجلي جي بند هئڻ سبب سخت گرميء سبب معصوم ٻارڙا سڄي رات ننڊ نه ڪئي آهي شهري واسين جو صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ڪنڌ ڪوٽ گريڊ اسٽيشن لڳ شهر جي مختلف بجلي جي فيڊرن جي سپلائي لائين جا 5 پول تيز هوا ۽ برسات سبب ڪري پيا جنهن ڪري گذريل ٻن ڏينهن کان وٺي ڪري شهر جي مختلف فيڊرن جي بجلي ڪلاڪن بعد بحال ٿي وئي آهي پري سٽي 2 سٽي 3 سٽي 4 جي بجلي ٻن ڏينهن تائين بحال نه ٿئي سگهي آهي ٻن ڏينهن اندر سيپڪو انتظاميا پاران صرف ڪجهه ڪلاڪ ٻئي فيڊر مان بجلي بحال ڪئي ڪريل پول ٻيهر نوان لڳائڻ لاء ٻن ڏينهن تائين مرمتي ڪم جاري رهيو جنهن بعد بجلي بحال ڪئي وئي سٽي 2 فيڊر جي بجلي ٻه ڏينهن نه هجڻ ڪري شهرين کي سخت پريشاني مان گذرڻو پئجي ويو جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي انچارج ايس ڊي او اصغر علي بجاراڻي چيو ته بجلي جا پول ڪرڻ جي ڪري مسلسل ٻه ڏينهن مرمتي ڪم ڪري فيڊر جي بجلي بحال ڪئي آهي نوان پول لڳايا ويا آهن جئين آئينده هوا يا برسات سبب ٻيهر پول نه ڪرن،هوڏانهن شهرين واسين چيو ته ٽن ڏينهن کان وٺي تيز هوائن سبب بجلي جا پول ڪري پيا هئا پر واپڊا وارن جي لاپرواهي سبب بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي بجلي جي بند ٿيڻ ڪري سخت گرمي سبب معصوم ٻار سڄي رات ننڊ نه ڪري سگھيا آهن پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي بجلي جي بند هئڻ ڪري جيڪو شهر کان ٻاهران گهرائي پاڻي پيئڻ ۽ رڌ بچا۽ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ٽن ڏينهن کان وٺي بجلي جي بند ٿيڻ سبب اٽي جون چڪيون ۽ ٻيو ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي برف جا ڪارخانا بند برف ٻين شهرن مان گهرائي پئي وڃي.