برازيل: ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ سبب سڄي دنيا ۾ شادي واريون تقريبون ۽ ميڙ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.ماڻهن ان پابندي جو حل به ڳولي ورتو هو ۽ سڄي دنيا ۾ آن لائن شاديون مشهور ٿي رهيون هيون جنهن جي شروعات هڪ چيني استاد طرفان ڪئي وئي هئي. ڪورونا وائرس دوران آن لائن شادي کان پوءِ هاڻ هڪ نئين شيءَ سامهون آئي آهي هاڻ ماڻهو ڊرائيو ٿرو شاديون ڪرڻ لڳا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برازيل جي رياست ريوڊي جينيرو ۾ ڪورونا وائرس جي دوران 15 جوڙن ڊرائيو ٿرو شاديون ڪيون. برازيل نيشنل ايسوسيئيشن آف سول رجسٽريشن موجب شادين جي لاءِ ڊرائيو ٿرو جي هن طريقي جي ذريعي اها تقريب صرف 5 منٽ جي هوندي آهي جنهن ۾ جوڙو هڪ ٻئي سان گڏ زندگي گذارڻ جو واعدو ڪرڻ کان پوءِ هڪ ٻئي کي منڊي پارائيندو آهي.ڊرائيو ٿرو شادي ۾ هڪ گاڏي ۾ موجود جوڙي جي شادي ٿيڻ کان پوءِ پويان بيٺل ٻئي گاڏي جو نمبر ايندو آهي ۽ اهڙي طرح ڊرائيو ٿرو شادي جو سلسلو هلندو رهندو آهي.