ڪرونا جون استعمال ٿيل ڪٽون اڇلائي رھيا ھئا ته علائقي واسين ڏسي ورتو، ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد استعمال ٿيل ڪٽون واپس کڻي ويا انڪوائري ڪرائي ملوث عناصر خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي: ڳوٺاڻن جو سنڌ حڪومت کان مطالبو گڏاپ (رپورٽر) گڏاپ ۾ ڪرونا وائرس جون استعمال ٿيل ڪٽون اڇلائڻ جي ڪوشش ناڪام. (تفصيل موجب) ملير جي سب ڊويزن گڏاپ جي بنديچا اسٽاپ ۾ ناقابل برداشت حرڪت ڪئي وئي. ڪرونا جون استعمال ٿيل ڪٽون اڇلائي رھيا ھئا ته علائقي واسين ڏسي ورتو جنھن بعد ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد استعمال ٿيل ڪٽون واپس کڻي ويا. جنھن ڀرپاسي جي ڳوٺن سميت پوري علائقي ۾ خوف ۽ حراس جي لھر ڇائنجي وئي.ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالھيندي چيو ته انھن ڪٽس کي ختم ڪيو وڃي ته جئين علائقي ۾ ڪرونا وائرس نه ڦھلجي ۽ ٻئي طرح ڪرونا وائرس جون استعمال ٿيل ڪٽون ڳوٺن ۾ اڇلائي ڪري ڪرونا وائرس ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اسان حڪومت سنڌ ۽ صوبائي وزير صحت کان مطالبو ٿا ڪيون ته انڪوائري ڪرائي ملوث عناصر خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.