ڪنڌ ڪوٽ(عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌ ڪوٽ 10 ڏينهن اڳ تنگواڻي واسي پورهيت محمد نواز ملڪ کي اڃا تائين پوليس ڌاڙيلن جي قيد مان آزاد نه ڪرائي سگهي پوليس پاران ڪجهه ڏينهن اڳ وارثن کي احتجاج دوران مهلت نه پوري ٿئي وئي ٻيهر تنگواڻي مان مغوي جا وارث پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي آفيس جي آڏو احتجاج ڪندي ڌرڻو لڳايو انهي دوران احتجاج ڪندڙن عبدالجبار ملڪ، قاسم ملڪ ، عمران ، بلاول، غلام رسول ملڪ ۽ ٻين چيو ته پوليس صرف آسرا ڏئي رهي آهي زمين جي ٻني تي ڪم ڪندڙ پورهيت کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو جنهن بعد ڀنگ گهري وئي جڏهن ته مقامي پوليس کي سڀ ڪجهه ڄاڻ ۽ ٻڌائڻ جي باوجود پورهيت محمد نواز ملڪ کي ڏوهارين جي قيد مان آزاد نه ڪرائي سگهي آهي پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي جڏهن ته ٻيو ڀيرو ايس ايس پي آفيس جي آڏو اچي احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ايس ايس پي سميت ڪو به وڏو عملدار اچڻ لاء به تيار نه آهي جنهن ڪري اسين شريف شهري ميڊيا جي مدد سان وس وارن کان گهر ڪيون ٿا ته پورهيت جي اغوا جو نوٽيس وٺي ڪري فوري جوابدارن کي گرفتار ڪري پورهيت کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين.