اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي شهري سنٿيا ڊي رچي جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي پوليس کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج عابده سجاد درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته آمريڪي شهري بينظير ڀٽو جي خلاف چڙ ڏياريندڙ لفظ استعمال ڪيا ۽ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پوليس کي آمريڪي شهري جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني پر سندس خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي.
عدالتي نوٽيس جي باوجود پوليس طرفان ڪوبه پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پوليس کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ 10 سالن کان رهندڙ آمريڪي عورت سنتهيا رچي ڪجهه ڏينهن اڳ پهريان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي اڳواڻ بينظير ڀٽو تي الزام هنيا هئا ۽ پوءِ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ مٿان جنسي زيادتي جڏهن ته يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم شهاب الدين تي به الزام هنيا هئا.پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت طرفان سنٿيا رچي جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي وئي ۽ پيپلز پارٽي آمريڪي عورت جي خلاف عدالت سان به رابطو ڪري ورتو آهي.