ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1447 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وائرس سٽيلن جو تعداد وڏي 39 هزار 555 ٿي ويو، 29 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 679 ٿي ويو.
وڏي وزير ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت تائين 435 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 83 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 468 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو تعداد هڪ هزار 137 ٿي ويو آهي.
وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت تائين 19 هزار 739 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 18 هزار 263 مريض گهرن ۾، 60 مريض آئيسوليشن سينٽرز ۽ 1416 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.
وڏي وزير چيو آهي ته 1447 نئين ڪيسن مان 963 ڪراچي مان رپورٽ ٿيا آهن، حيدرآباد ۾ 54، شهيد بينظير آباد 39، لاڙڪاڻي ۽ سانگهڙ ۾ 36، 36 ڪيسز سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گهوٽڪي ۾ 34، خيرپور 33، ڄامشورو ۾ 17، دادو ۾ 14، بدين ۾ 13 ۽ ڪشمور ۾ 11 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ميرپور خاص ۾ 9، سکر ۾ 8، مٽياري ۽ نوشهروفيروز ۾ 2،2،ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، عمر ڪوٽ ۽ قمبر ۾ هڪ، هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.