اسلام آباد: (بيورو) سپريم ڪورٽ ڇنڇر ۽ آچر تي مارڪيٽون کولڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس پاڻمرادو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته حڪومت ڪورونا جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي معاملي کي سنجيدگي سان ڏسي. حڪومت اڃان تائين ڪورونا کان تحفظ جي لاءِ قانونسازي ناهي ڪئي.
عدالت هدايت ڪئي ته سموريون حڪومتون سينيٽري ورڪرن کي حفاظتي سامان جي فراهمي يقيني بنائي ۽ ان جي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو ته قومي سطح تي قانونسازي جو لاڳو ٿيڻ پوري ملڪ تي هوندو. جيڪڏهن ملڪ جا سمورا ادارا ڪم ڪري سگهن ٿا ته پارليامينٽ ڇو نه.؟ قانون جي حوالي سان اڃان تائين ڪجهه به ناهي ٿيو.جسٽس اعجازالاحسن چيو ته خبر ناهي ته ڪورونا مريضن جو انگ ڪٿي وڃي بيهندو.
ڪورونا ڪنهن صوبي ۾ فرق نٿو ڪري هي ماڻهن کي ماري رهيو آهي. وفاقي حڪومت ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ قانونسازي ڪري.چيف جسٽس چيو ته عدالت ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن جي زندگي جو تحفظ سڀني کان وڏو بنيادي حق آهي. هلندڙ حالتن ۾ ماڻهن جي حياتين کي خطرا آهن.هن چيو ته پريس ڪانفرنس جي ذريعي عوام جو تحفظ ناهي ٿيندو پر عوام جو تحفظ قانون جي ٺهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان ٿيندو.
جسٽس اعجازالاحسن چيو ته وقت سڀني کان وڏو اثاثو آهي ۽ وقت ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو.اوهان وٽ هاڻ وقت ناهي رهيو ڇو ته هڪ لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس پازيٽو اچي ويا آهن. ان کان پوءِ اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته حڪومت کي قانونسازي جي تجويز ڏيندس.