اسلام آباد/ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وارثن ان جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي آهي
.ذريعن موجب شاهد خاقان گذريل ڏينهن ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو هو جنهن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي جنهن کان پوءِ هن پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ ئي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه ميمبر وائرس وگهي فوت ٿي ويا آهن. هوڏانهن ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.ريلوي واري وزارت موجب شيخ رشيد ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جنهن جو نتيجو پازيٽو آيو آهي پر کيس ظاهري طور تي ڪورونا جي ڪابه نشاني ظاهر ناهي ٿي
.ريلوي واري وزارت ٻڌايو آهي ته شيخ رشيد ڊاڪٽرن جي هدايتن موجب ٻه هفتا سيلف قرنطينه ۾ رهندو.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هينئر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي ميمبر وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن,جڏهن ته ڪجهه موذي وائرس سبب فوت به ٿي چڪا آهن. پيپلز پارٽي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي.
شرجيل ميمڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي. جنهن کان پوءِ مون پاڻ کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.شرجيل ميمڻ ڪورونا بابت حيدرآباد ۾ سنڌ حڪومت جو فوڪل پرسن آهي ۽ شرجيل ميمڻ 2 ڏينهن اڳ تائين سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي هئي.واضح رهي ته ان کان اڳ پيپلز پارٽي جو صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو جڏهن ته اسيمبلي ميمبر سيد عبدالرشيد ۽ ايم ڪيو ايم جي صوبائي اسيمبلي ميمبر منگلا شرما ۽ رابطه ڪميٽي جو ميمبر فيصل سبزواري به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک کان به وڌي ويو آهي جڏهن ته 2050 کان وڌيڪ ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.