ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 4 هزار 960 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ هڪ لک جي ويجهو پهچي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ وڌيڪ 67 ڄڻا قاتل وائرس جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 2 هزار 2 ٿي ويو. ڪمانڊ آپريشن جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪرونا جا 36 هزار 364 مريض سامهون آيا آهن،جڏهن ته حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 634 ٿي ويو.
پنجاب ڪرونا سبب سڀ کان وڌيڪ شهري متاثر ٿيا آهن،جتي مريضن جو انگ 37 هزار 90 ۽ فوتين جو تعداد 683 ٿي ويو. ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق خيبرپختونخواهه ۾ 13 هزار شهري متاثر ٿيا آهن،جڏهن ته 561 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. بلوچستان ۾ 6 هزار 221 شهري ڪرونا ۾ وٺجي وڃڻ کانپوءِ 54 قيمتي زندگيون ضايع ٿي ويون آهن.
ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪرونا سٽيلن جو انگ 4 هزار 979 ٿي ويو،جڏهن ته 58 شهري جان جي بازي هارائي ويا، آزاد ڪشمير ۾ 8 ۽ گلگت ۾ فوتين جو انگ 13 ٿي ويو..