ويلنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي حڪومت ملڪ کي ڪورونا کان پاڪ قرار ڏئي پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خبرون اداري موجب نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا کي روڪڻ جي لاءِ دنيا جو سڀني کان سخت لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو هو جنهن سبب ملڪ ۾ ڪجهه وقت کان ڪورونا جو ڪوبه ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جڏهن ته آخري ڪيس 22 مئي تي رپورٽ ڪيو ويو هو.
نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ملڪ ۾ ڪورونا کي روڪڻ جي لاءِ لاڳو ڪيل پابندين کي اڄ رات کان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته نيوزيلينڊ ۾ ڪورونا کي روڪڻ جي لاءِ 75 ڏينهن اڳ سخت لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو هو پر هاڻ موذي وائرس ملڪ مان ختم ٿي چڪو آهي جنهن ڪري عام زندگي کي بحال ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي.هن چيو ته ڪورونا جي چيلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان دوران عالمي سرحدون بند رهنديون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه کان ڪنهن کي انڪار ناهي ته اسان هڪ ڏکيو چيلنج پورو ڪيو آهي. جنهن جي لاءِ عوام جا ٿورائتا آهيون. واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۾ ڪورونا جا ٽوٽل 1504 ڪيس سامهون آيا ۽ 22 فوتگيون به ٿيون.