سري نگر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي 4 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ڏينهن دوران شهيد ٿي ويندڙن جو انگ 9 ٿي ويو.
ڀارتي فوج ضلع شوپيان ۾ آپريشن ڪيو، ان دوران گهر گهر تلاشي ورتي جنهن دوران چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو جڏهن ته علائقي ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس به معطل ڪئي وئي. قابض فوج ڪارروائي دوران 4 بي گناهه نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ کين دهشتگرد قرار ڏيئي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.ان کان علاوه علائقي ۾ چڪرين دوران 3 ڀارتي فوجي به سخت زخمي ٿي پيا جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ياد رهي ته ڀارتي فوج گذريل ڏينهن به ضلعي شوپيان جي علائقي زين پوره ۾ 5 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. هلندڙ مهيني والاريل وادي ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران شهيد ٿيندڙ ڪشميري نوجوانن جو انگ 27 ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ ضلعي پلوامه ۾ ڀارتي فوج جي هڪ آفيسر آپگهات ڪري ڇڏيو.58 ساله سب انسپيڪٽر اشوڪ ڪمار پلوامه جي علائقي خريو ۾ مقرر هو. جنوري 2007 کان هينئر تائين والاريل ڪشمير ۾ آپگهات ڪندڙ ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪارن جو انگ 453 ٿي ويو آهي. ان آپگهات جا مختلف سبب هوندا آهن جن ۾ ذهني دٻاءُ ۽ وڏن آفيسرن جو توهين جوڳو رويو به شامل آهي.