اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار ايندڙ مالي سال جي بجيٽ عالمي مالياتي اداري جي سفارشن تحت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جا شرط شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽيڪس حدف بابت عالمي مالياتي اداري سان ڳالهيون به جاري آهن. ذريعن موجب، بجيٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جا حدف به آءِ ايم ايف جي سفارشن موجب مقرر ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت آءِ ايم ايف جا شرط نه مڃڻ سان قرض وارو پروگرام متاثر ٿي سگهي ٿو. ذريعن موجب بجيٽ حدف جو ڇهين مهيني ۾ جائزو وٺي ٻيهر آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو ويندو، پر بجيٽ حدف جو دارومدار ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي هوندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر تائين معيشيت جي اثرن جو جائزو وٺي ڊسمبر ۾ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو ويندو، جنهن ۾ وزيراعظم آفيس کي به شامل ڪيو ويندو. مالي سال 21-2020 جي بجيٽ 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي، وفاقي بجيٽ جي تياري جاري آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم عمران خان معاشي ٽيم سان اجلاس ڪري چڪو آهي.