ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب خبردار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، عوام رش وارن هنڌن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪري، هن وقت ڪراچي ۾ ڪرونا جا 139 مريض آءِ سي يو ۾ آهن، جن مان 80 مريض وينتيليٽرز تي آهن، ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان وائرس کان بچي سگهجي ٿو.
سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ٽوئٽ ۾ چيو ته سنڌ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، عوام ڪرونا کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪري ڪري . مرتضيٰ وهاب چيو ته هن وقت ڪراچي ۾ ڪرونا جا 139 مريض آءِ سي يو ۾ آهن، جن مان 80 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.
سنڌ حڪومت جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته خدا جي واسطي رش وارن هنڌن تان وڃڻ کان پاسو ڪيو.